شمن علي ميرالي

شمن علي ميرالي

شمن علي ميرالي

شمن علي ميرالي: سنڌ جي مشهور فنڪار شمن علي ولد لعل بخش ميراليءَ جو جنم پهرين جنوري 1971ع تي شڪارپور ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو، جيڪو نامور بزرگ ۽ شاعر ٻڍل فقير جي درگاهه کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. شمن ميرالي جو والد به پنهنجي وقت جو سٺو فنڪار هو ۽ ٻڍل فقير درگاهه جو مريد هجڻ سبب درگاهه تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ حصو وٺندو هو. شمن ميراليءَ جي تعليم مئٽرڪ آهي. غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند سان بيحد لڳاءُ هوس، هيءُ پنهنجي ڳوٺ جو مشهور رانديگر سمجهيو ويندو هو، پر سندس والد ۽ وڏي ڀاءُ همت علي ميرالي جي صحبت ۾ فن جي دنيا ۾ پير پاتائين. هن فن جي شروعات ٻڍل فقير درگاهه تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن سان ڪئي. شمن ميرالي شروع ۾ يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائيندو هو. سندس شروعاتي ٻه چار ڪئسٽون پڻ يڪتاري چپڙيءَ تي رڪارڊ ٿيل آهن.
شمن ميرالي فن جي شروعاتي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. بعد ۾ استاد غلام حيدر مڱڻهار کان باقاعدي راڳ سکيو. سندس سون جي تعداد ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن.
هن ڪيترن ئي نامور شاعرن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ٻڍل فقير، جانڻ چن سميت جديد شاعرن: شيخ اياز، سرڪش سنڌي، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نثار بزمي، زخمي چانڊيو، غلام قادر گهايل، ذوالفقار منگي ۽ ٻين جي شاعري ڳائي آهي. سندس ڪيترائي ڪلام سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو. بلوچي، مارواڙي ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي.
شمن علي ميراليءَ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کان علاوه دبئي، سعودي عرب، انڊيا وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. کيس خدمتن عيوض شاهه لطيف اوارڊ، قلندر لعل شهباز اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ کان سواءِ ڪيترائي مڃتا اوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌ ۾ سندس ٻڌندڙن جو چڱو خاصو حلقو آهي.
هي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سندس هڪ پٽ پڻ راڳي آهي.


لفظ شمن علي ميراليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.01  عيسوي

سنڌ جي مشهور فنڪار شمن علي ولد لعل بخش ميراليءَ جو جنم پهرين جنوري 1971ع تي شڪارپور ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو،



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم راهي
بالي اقبال
ڀاڳچند پنجابي
اميد علي خان
بالي/گولي
حديقه ڪياني
ڌائي الهوڌائي
پنڊت وشنو ڊگمبر پلسڪر
پنهور عبدالله
زاهده پروين
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون